پنج کاءُ

پنج کاءُ (راند): هيءَ هڪ ٻاراڻي راند آهي. هن راند ۾ ٻه ٻار، سليٽ يا پني تي هڪ کان ڏهن تائين انگ لکندا آهن. پوءِ قطار ۾ لکيل انگن مان هڪ ٻار ٻئي ٻار کي چئن يا پنجن جو انگ قلم يا پين سان ڊاهڻ لاءِ چوندو آهي. مخصوص جاءِ ان قلم ذريعي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن قلم. پين ڪنهن ٻئي انگ يا ٺهيل ليڪي کي لڳي وئي ته اهو ٻار هارائي ويندو ۽ وري ٻئي ٻار کي آڳ ملندي. ائين ئي هيءَ راند دلچسپ نموني رچائي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو